امير پير

امير پير: امير پير کي ’راجل وير‘ به چوندا آهن. پاڻ ذات جو پنهور هو ۽ سندس والد جو نالو آٿڙو نواب هو. پير جي مزار'>امير پير جي مزار دادو شهر کان 9 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف سنڌ جي قديم ڳوٺ اميناڻيءَ ۾ آهي.
امير پير/’راجل وير‘ کي مسلمانن سان گڏ هندو به پنهنجو اوتار سمجهندا آهن. روايت آهي ته امير پير ارڙهين صدي عيسويءَ جي ابتدا ۾ اميناڻي ڳوٺ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. پاڻ حافظ قرآن ۽ درويش صفت انسان هو. ڪيترا مسلمان توڙي هندو وٽس ايندا هئا ۽ من جون مرادون پوريون ڪري واپس ورندا هئا. وفات کانپوءِ کيس ڳوٺ اميناڻيءَ لڳ دفن ڪيو ويو. سندس مزار مٿان مقبرو اڏيل آهي، جيڪو ڇتائون آهي. هر سال ميلو لڳندو آهي. ميلي ۾ سرڪس، چوڏول، ڦرڻيون، ٿيٽر ۽ بازارون لڳنديون آهن، شام جو ملاکڙو ٿيندو آهي، جتي اتر ۽ لاڙ جا پهلوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هر مهيني پهرئين آچر تي هندو وڏي تعداد ۾ مزار تي ايندا آهن، جنهن ۾ عورتن جو ڪثير تعداد هوندو آهي. سڄي رات محفل ٿيندي آهي. ڪيترائي سوالي ڪڪڙ نذراني طور کڻي ايندا آهن ۽ درگاهه جي متوليءَ جي حوالي ڪندا آهن.


لفظ امير پيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو